عدالتن مان آئوٽ آف وي رليف، عمران خان لاءِ جمعو بازار لڳل آهي:شرجيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل چئن پنجن ڏينهن کان پاڪستان ۾ اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي, جيڪي 75 سالن ۾ نه ٿيو آهي، جيڪو شخص پرڏيهي ملڪن جي مدد سان ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪري رهيو آهي ان کي عدالتن مان آئوٽ آف وي رليف ڏنو پيو وڃي، عمران خان لاءِ جمعو بازار لڳايو ويو آهي، جنھن کي باءِ ون گيٽ نائن پيڪيج ڏنا پيا وڃن، پر ملڪ جي آئين ۽ ايٽمي طاقت جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏيندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لاءِ عدالتن وٽ وقت ناهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس گذريل 10 سالن کان التوا جو شڪار آهي. جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي مقدمي جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ٿيندي رھي ٿي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عدالتن کان رليف نه پر انصاف چاهي ٿي. انهن ٻنهي ڪيسن ۾ عدالتون جيڪي به فيصلو ڪن، اسان کي قبول آھي. ھن مطالبو ڪيو ته انهن ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنيادن تي ڪئي وڃي . اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت رھي آھي آمريت بہ رهي آهي، جيڪو به نظام هوندو هو اهو ظاهر نظر ايندو هو. ھن چيو ته چئن ڏينهن کان انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس جو ڪھڙو حشر ڪيو ويو. پوليس تي ڏنڊا وسايا ويا گليل ھنيا ويا ۽ پيٽرول بم اڇلايا ويا. هن چيو ته پنجاهه کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، ڇا اهي معصوم سپاهي ڪنهن جي اولاد ناهن . هن چيو ته عمران خان عوام کي اپيل ڪئي ته هو زمان پارڪ پهچي. هن ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن عوام کي زمان پارڪ نه آندو ويو انهن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏيندو. هن چيو ته عمران خان پاڪستانين کي پيغام ڏنو آهي ته هو سڀ کان وڏو بدمعاش ۽ غنڊو آهي. عمران خان سمجهي ٿو ته کيس آئين ۽ قانون تحت نٿو سڏائي سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ڪهڙيون روايتون قائم ٿي رهيون آهن، سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته جنهن ملڪ کي هن موڙ تي پهچايو آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته کيس ضمانتون به ڏنيون پيون وڃن، عمران خان کي ڪلين چِٽ ڏني وئي آهي. جڏهن ته فورسز جا هٿ پير ٻڌا پيا وڃن. هن چيو ته ڪنهن به نه ڏٺو ته عدالتن پاران عمران خان کي چيو ويو هجي ته هو پنهنجي ڪارڪنن کي ڪنٽرول ڪري. شرجيل انعام ميمڻ چيو پنج ڏهه يا پنجاهه هزار ماڻهن کي ڪڍڻ پيپلز پارٽي جي لاءِ ڪو به مسئلو ناهي. هن چيو ته دنيا کي پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي قانون ئي ناهي ۽ هڪ شخص جي بدمعاشي آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته عمران خان کي هر هر رليف ڏنو پيو وڃي.ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن جيل ڪاٽيا آهن پر گرفتاري جي خوف کان عمران خان ڊراما ڪري رهيو آهي، پوري رياست کي يرغمال بڻايو ويو. اهو سڄي ملڪ لاءِ بدنامي جو سبب آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته سندن لاءِ ٻه ڪيس اهم آهن، پهريون ڪيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ريفرنس آهي، جيڪو گذريل 10 سالن کان التوا جو شڪار آهي، عدالتن وٽ ان ريفرنس کي ٻڌڻ جو وقت ناهي. فاضل جج صاحبان وٽ آئين ۽ ايٽمي طاقت جي خالق لاءِ وقت ناهي پر لاڊلي لاءِ عدالتون صبح ۽ شام کلي وڃن ٿيون. ھن چيو تہ ٻيو ڪيس شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڪيس آهي، جنهن جي ٻڌڻي نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن پيشي ٿئي ٿي ته پوءِ رڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪري ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وڃي ٿي .ھن چيو ته ٻن اڳوڻن چونڊيل وزيراعظمن جي ڪيسن جي اها صورتحال آهي. ٻئي طرف جنهن سياست، معيشت، اخلاقي قدرن کي تباهه ڪيو ۽ غير آئيني ڪم ڪيا ان کي رليف ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته جنهن پارٽي سڀ ڪجهه ڏنو، آئين ڏنو، ايٽمي پروگرام ڏنو، ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني، ان سان ڪهڙو رويو رکيو پيو وڃي. هن چيو ته عمران خان کي اسرائيل ۽ ڀارت جي حمايت حاصل آهي، اهو ملڪ تي مسلط ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن انصاف ايئن ئي ملڻو آهي ته ڇا اسان به اهي ئي ڪم شروع ڪريون. هزارين ماڻهو عدالت وٺي وڃون جيڪڏهن ملڪ کي اهڙي طرح هلڻو آهي ته اسين تيار آهيون. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته عدالتن مان گرفتاري جي حڪمن کانپوءِ آئيني صدر عارف علوي چئي رهيو آهي ته اها انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي. آئيني صدر جو پٽ سوشل ميڊيا جو سربراهه آهي، هو سازشي ٽوئيٽ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته برطانيه مان صدر جو پٽ ملڪ خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائي رهيو آهي، هن چيو ته اڄ پوليس زمان پارڪ ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي، پوليس تي سڌي فائرنگ ڪئي پئي وڃي. هي فائرنگ ڪير ڪري رهيو آهي، ڇا جادوگرڻي يا جن ڪري رهيا آهن، عمران خان تہ چئي رهيو آهي ته زمان پارڪ ۾ جادوگرڻي کانسواءِ ڪير به ناهي. زمان پارڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي موجودگي ۽ طالبان جي عمران خان کي حمايت بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن کان ڊڄندي ناهي، زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي انهن ڍڄڻن طالبان جي هٿ ۾ ناهي. هن چيو ته عمران خان جا واسطا طالبان سان ملن ٿا، عمران خان طالبان جي کليل نموني سپورٽ ڪندو رھيو آهي انهن جي مدرسن کي فنڊنگ ڪندو رھيو آهي. هن چيو ته عمران خان ڪنهن پارٽي سان ناھي وڙهي رهيو ، هو ملڪ سان وڙهي رهيو آهي. معيشت جي تباهي جو ذميوار عمران خان ۽ سندس ساٿي آهن، اڄ به هو چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ آيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو