لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار نيب آفيس لاهور ۾ پيش ٿيو.نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ عثمان بوزدار کي طلب ڪري ورتو. ان کان اڳ پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير عثمان بوزدار ٻه ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيو.نيب عثمان بوزدار کي سندس سموري ملڪيت جو رڪارڊ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف مختلف ادارن کان رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي.










