لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ عاليه حمزه کي عبوري ضمانت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان پوليس کي سندس گرفتاري کان روڪيو ويو آهي.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج عرفان حيدر فيبروري ۾ ريلي ڪڍڻ ۽ رياست مخالف نعرا هڻڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پوليس کي عاليه حمزه کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزه کي 17 مئي تائين 100,000 رپين جي ضمانتي مچلڪن جي عوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.










