ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار جوڙي رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هنن پاڪستاني ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو ڏنو آهي.سوشل ميڊيا تي هڪ جعلي ٽوئيٽ جو اسڪرين شاٽ گردش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ بي بي سي هندي دعويٰ ڪئي آهي ته رنبير ۽ عاليا پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي رقم عطيو ڪئي آهي.ان ٽوئيٽ جو اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه ڀارتي شهرين فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار جي جوڙي پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن سان همدردي ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ جعلي ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ٻنهي اداڪارن جي ايندڙ فلم ”برهمسترا“ باڪس آفيس تي سٺو ڪم ڪيو ته هو پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 51 ڪروڙ رپيا عطيو ڪندا.بعد ۾ ڀارتي ميڊيا تي انڪشاف ٿيو آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ٽوئيٽ جو هي اسڪرين شاٽ جعلي آهي.برطانوي نشرياتي اداري به تصديق ڪئي آهي ته هي ٽوئيٽ جعلي آهي.










