اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جو چوڻ آهي ته علائقائي تڪرارن جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن.پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ هفتي لاءِ ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 26.77 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي ممڪن حد تائين برداشت ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت سميت سڀني صوبائي حڪومتن عوام کي رليف پيڪيج ڏنو آهي ۽ هو دعا ڪري ٿو ته علائقائي امن حاصل ڪرڻ ۾ جلد اڳڀرائي ٿئي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.










