عالمي ڇڪتاڻ ، ڪچي تيل جي قيمتن ۾ نمايان واڌ

عالمي ڇڪتاڻ ، ڪچي تيل جي قيمتن ۾ نمايان واڌ

لنڊن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ايران تي نون حملن ۽ ڳاڙهي سمنڊ (بحيره احمر) ۾ يمن جي حوثين پاران آئيل ٽينڪرن تي حملن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽن موجب، برطانوي خام تيل جي مستقبل جي معاهدن جي قيمت 1.93 ڊالر يعني تقريبن 2 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 96 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي، جيڪا 8 جون کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ سطح آهي. آمريڪي ‘وئيسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ’ خام تيل جي قيمت 1.44 ڊالر، يعني 1.7 سيڪڙو واڌ سان 88.27 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ڪري رهي آهي.تجزيه نگارن موجب، قيمتن ۾ هيءَ واڌ آمريڪي فوجن پاران ايران تي نون حملن ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ يمن جي حوثين پاران سعودي آئيل ٽينڪرن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ تيل جي ترسيل بابت خدشن جي ڪري ڏسڻ ۾ آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو