عالمي مسئلن جو حل ڳالهين، مشاورت کان سواءِ ممڪن نه آهي: تارڙ

عالمي مسئلن جو حل ڳالهين، مشاورت کان سواءِ ممڪن نه آهي: تارڙ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته عالمي مسئلن جو حل ڳالهين ۽ مشاورت کان سواءِ ممڪن نه آهي.وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پارليامينٽريز فار گلوبل ايڪشن جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هميشه امن، استحڪام ۽ بنيادي حقن جي لاءِ قدم کڻندو رهيو آهي.هن چيو ته پاڪستان مختلف فورمز تي غزه ۾ ظلمن جي خلاف آواز اٿاريو، رياستن کي انسانيت جي خلاف ڏوهن تي عالمي عدالت طرف ڏسڻو پوندو آهي. ڪريمنل لا، موسمياتي تبديلي، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ متحرڪ آهن.وفاقي قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان بنيادي انساني حقن ۽ عالمي امن، استحڪام جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، اسمگلنگ، ايمگريشن، ٻارن جي حقن، بحري تحفظ تي آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو