عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ استحڪام

عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ استحڪام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جا اگهه مستحڪم آهن.ميڊيا رپورٽن موجب، برنٽ $ 71.40 تي ۽ WTI $ 67.50 تي وڪرو ٿي رهيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي سطح تي گئس جون قيمتون 2.35 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي سطح تي آهن.عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي ۽ استحڪام پاڪستان لاءِ سٺو نتيجا ڏئي سگهي ٿو.پاڪستان ۾ ايندڙ مهيني کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.سرڪاري ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 29 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 13 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، اهي قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن تائين لاڳو هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو