عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت گهٽ، پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان

عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت گهٽ، پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.انڊسٽري ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اثر پاڪستان ۾ به تيل جي قيمتن تي پئجي سگهي ٿو، جنهن تحت ڊيزل 9 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ به 6 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. ساڍا 7 رپيا في ليٽر آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تحت سيلز ٽيڪس ۽ پي ڊي ايل ۾ واڌ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ سيلز ٽيڪس ۽ پي ڊي ايل جي لاءِ ترميم ڪئي وئي ته تيل جي قيمتن ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو