لنڊن/ نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ايران مٿان آمريڪي حملن جا خطرا ۽ امڪان ختم ٿيڻ بعد عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. غير ملڪي ميڊيا موجب، پير جي ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه گذريل هڪ هفتي جي سڀ کان گهٽ ترين سطح تي اچي ويا. برينٽ خام تيل جي قيمت 8.7 سيڪڙو (8.42 ڊالر) ڪمي بعد 88.36 ڊالر في بيرل تي بند ٿي، جيڪا 17 جولاءِ کانپوءِ گهٽ ترين سطح آهي. ٻئي پاسي، آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (WTI) جي قيمت به 7.5 سيڪڙو گهٽتائي سان 82.61 ڊالر في بيرل تي بند ٿي.










