هيگ (م ڊ) عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) جي ججن طالبان جي امير هيبت الله اخوندزاده ۽ چيف جسٽس عبدالحڪيم حقاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عالمي فوجداري عدالت انهن طالبان اڳواڻن تي عورتن خلاف امتيازي ورتاءَ ۽ کين بنيادي حقن کان محروم رکڻ جي الزام تي وارنٽ جاري ڪيا.عالمي عدالت جي ججن طالبان اڳواڻن تي لاڳو انهن سنگين الزامن کي انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏنو.عدالت فيصلي ۾ چيو ته توڙي جو طالبان تقريبن سڀني تي ڪي نه ڪي پابنديون لاڳو ڪيون آهن پر خاص طور عورتن ۽ ڇوڪرين کي جنس جي بنياد تي بنيادي حقن ۽ آزادين کان محروم ڪيو آهي.عالمي عدالت موجب طالبان اڳواڻن اهي ڏوهه 15 آگسٽ 2021 کان 20 جون 2025 تائين مسلسل جاري رکيا.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ان عرصي دوران عورتن کي تعليم، ذاتي زندگي، خاندان، چُرپر، اظهار جي آزادي، سوچ، مذهب ۽ ضمير جي آزادين کان محروم ڪيو ويو.










