عالمي بينڪ جو صدر دوري تي پاڪستان پهچي ويو

عالمي بينڪ جو صدر دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ورلڊ بينڪ جو صدر اجي بنگا اهم دوري تي پاڪستان پهچي ويو. ذريعن موجب عالمي بينڪ جو صدر اجي بنگا 4 فيبروري تائين پاڪستان ۾ قيام ڪندو جنهن دوران هو اعليٰ سرڪاري اختيارين سان ملاقاتون ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته دوري جي دوران معاشي اصلاحات ڀارت سان جاري آبي تڪرار تي به ڳالهين جو امڪان آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اجي بنگا جي وزيراعظم شهباز شريف، ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کان علاوه توانائي، اقتصادي معاملن جي اختيارين سان ملاقاتن جو امڪان آهي.ذريعن موجب ورلڊ بينڪ جي صدر اجي بنگا کي پاڪستان جي معاشي اصلاحات ۽ ترقياتي منصوبن جي ترجيحات کان آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي عالمي بينڪ سان 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنر شپ فريم ورڪ تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي جو امڪان آهي. عالمي بينڪ انهي فريم ورڪ جي تحت 2035 تائين پاڪستان کي 20 ارب ڊالر فراهم ڪندو.ورلڊ بينڪ جو صدر اجي پال سنگهه بانگا وفد سان گڏ گوردواهه سري پنجه صاحب جو دورو ڪيو. اقليتي معاملن وارو وزير رميش سنگهه اروڙا، ڊي پي او ۽ ڊي سي اجي پال سنگهه بانگا جو استقبال ڪيو. اجي بانگا پنجه صاحب ۾ مذهبي رسمون ادا ڪيون. سک برادري طرفان اجي پال سنگهه بانگا کي سروپا پيش ڪيو ويو. سک وفد جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو