عافيه ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي،وزيراعظم سمري تي صحيح ڪري ڇڏي

عافيه ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي،وزيراعظم سمري تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آمريڪا ۾ قيد پاڪستاني ڊاڪٽر عافيه صديقي جي بازيابي ۽ آزادي بابت ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي درخواست تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان عافيه صديقي جي آزادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ پرڏيهي وزارت جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيو.ڊاڪٽر فوزيه صديقي جو وڪيل عمران شفيق ۽ عدالتي مددگار زينب جنجوعا به عدالت ۾ پيش ٿيا.ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف عافيه صديقي ڪيس ۾ آمريڪا وڃڻ واري وفد جي مالي مدد جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.ان حوالي سان پرڏيهي وزارت جي نمائندي جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزارت طرفان وفد جي ويزا لاءِ درخواست موڪلي وئي آهي، اميد آهي ته هڪ هفتي اندر منظوري ڏني ويندي.پرڏيهي وزارت جي نمائندي جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا آهيون.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ذاتي سببن جي ڪري سينيٽر عرفان صديقي وفد سان گڏ نه ٿو وڃي سگهي، سينيٽر بشرا صديقي حڪومت طرفان وفد سان گڏ آمريڪا ويندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو