اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آمريڪا ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي انهي بابت آگاهه ڪيو ويو.ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪي جيل مان آزادي ۽ ملڪ واپسي جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ٻڌڻي ڪئي. عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته اڳوڻي آمريڪي صدر جوبائيڊن ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، آمريڪا پاڪستان سان قيدين جي آزادي لاءِ معاهدو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڊاڪٽر فوزيه صديقي ۽ ان جي آمريڪي وڪيل ڪلائيو اسمٿ وڊيو لنڪ جي ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا، درخواستگذار جي وڪيل عمران شفيق ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل به عدالت ۾ پيش ٿيا.جسٽس سردار اعجاز اسحاق ريمارڪس ۾ چيو ته آمريڪا اسان کي اسان جي اوقات ڏيکاري رهيو آهي، اڳوڻي آمريڪي صدر پنهنجي پٽ جي سزا ته معاف ڪري ڇڏي پر اسان جي قيدي(عافيه) کي آزاد نه ڪيو ويو.وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي پرڏيهي ملڪن جي دورن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت عدالتي سوالن جي جوابن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت ملاقاتن ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي به جواب جمع ڪرايو ويو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










