اسلام آباد(بيورو)مسلم ليگ ن سپريم ڪورٽ جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.مسلم ليگ ن جي سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله خان سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو.قرارداد ۾ چيو ويو ته صدر عارف علوي، عمران خان، فواد چوڌري ۽ قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.قرارداد جي متن موجب صدر عارف علوي خلاف مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.










