عادل بازئي جي نااهلي لاءِ داخل ريفرنس تي فيصلو محفوظ

عادل بازئي جي نااهلي لاءِ داخل ريفرنس تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) مسلم ليگ (ن) جي منحرف اميدوار عادل بازئي کي نااهل قرار ڏيندي سيٽ خالي ڪرڻ بابت داخل ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اليڪشن ڪميشن ۾ عادل بازي جي نااهلي بابت ريفرنس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ڪئي.عادل بازئي جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ عادل بازئي جي نالي تي جمع ڪرايل حلف نامي جعلي آهي، اليڪشن ڪميشن حلف نامي جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائي ته اهو جعلي ثابت ٿيندو.هن دليل ڏيندي چيو ته عادل بازئي ڪڏهن به مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ناهي ٿيو، مسلم ليگ (ن) جي حوالي سان اهو به چيو ويو آهي ته عادل بازئي ڪڏهن به سرڪاري بينچن تي نه ويٺو، منهنجي موکل جو شناختي ڪارڊ نمبر به غلط لکيو ويو آهي وڪيل عادل بازئي چيو ته بيان حلفي لاءِ اسٽيمپ پيپر تي به نوٽيفڪيشن جا تفصيل درج نه آهن، اوٿ ڪمشنر سعيد احمد جو بيان رڪارڊ تي آهي ته عادل بازئي ڪڏهن به مون آڏو پيش ناهي ٿيو، 27 سيپٽمبر 2024ع تائين عادل بازئي نيشنل اسيمبلي جي ويب سائيٽ سائيٽ تي آزاد ميمبر موجود هئا.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن عادل بازي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو حلف نامو جمع ڪرايو هو ته هن اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڇو نه ڪيو؟ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر پڇاڻو ڪيو ته توهان ايتري دير تائين خاموش ڇو رهيا؟ وڪيل عادل بازئي چيو ته هو خاموش رهيو ڇو ته هي حلف نامو ڪڏهن به عام ناهي ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي ريفرنس جي ڪا به جاچ ناهي ڪئي، اسپيڪر قومي اسيمبلي اهو به نه ڏٺو ته پهريون ريفرنس پارٽي صدر جي بدران پارلياماني اڳواڻ جمع ڪرايو.مسلم ليگ (ن) جي وڪيل چيو ته سندس موقف آهي ته عادل بازئي پهريان مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو ۽ بعد ۾ ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيو، کيس 11 مهينن کانپوءِ ڇو ياد آيو ته حلف نامي جعلي آهي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو