طالبان جو افغان فورسز تي حملن جو اعلان، خوست ۾ ڌماڪو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان حڪومت طالبان جا قيدي ازاد نه ڪيا ته افغان فورسز تي حملا جاري رکيا ويندا. سندس اهڙو بيان افغان صدر اشرف غني جي ان بيان بعد سامهون آيو آهي جنهن م هن چيو هو ته 5000 طالبان قيدين جي آزادي بابت افغان حڪومت ڪو به واعدو ناهي ڪيو. گذريل ڇنڇر تي قطر جي گادي واري هنڌ دوحه ۾ آمريڪا ۽ طالبان ۾ ٿيل امن معاهدي ۾ اهو لکيو ويو هو ته 1000 کان وڌيڪ قيدي طالبان آزاد ڪندا ۽ 5000 طالبان قيدي افغان حڪومت ازاد ڪندي. معاهدي تي افغان حڪومت جي نمائندن جون صحيحون به آهن پر ان جي باوجود صدر اشرف غني چيو هو ته سندس حڪومت اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو. جنهن تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بيان جاري ڪيو هو ته قيدين جي معاملي تي افغان صدر کي فراخدلي جو مظاهرو ڪرن گهرجي. طالبان پاران حملن جي اعلان بعد اوڀارين صوبي خوست جي هڪ فٽبال گرائونڊ ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ 3 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. بم موٽر سائيڪل ۾ فٽ ٿيل هو، ڌماڪي جي ڪنهن به ذميواري قبول ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو