امن معاهدو، طالبان جا حملا بند، آمريڪي فوج 14 مهينن ۾ واپس

دوحه (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ طالبان افغانستان ۾ امن معاهدي تي صحيهون ڪري ڇڏيون آهن. طالبان طرفان ملا عبدالغني برادر ۽ آمريڪا طرفان زلمي خليل زاد صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽا سٽا ڪئي. معاهدي موجب جيڪڏهن طالبان خلاف ورزي نه ڪئي ته 14 مهينن ۾ آمريڪا ۽ نيٽو فورسز پنهنجي فوج مڪمل طور تي افغانستان مان واپس گهرائيندا. معاهدي کان اڳ طالبان جي ترجمان ضبيح الله مجاهد پنهنجي ساٿي طالبان کي هر قسم جا حملا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. رائٽر سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسين اميد ٿا ڪريون ته آمريڪا امن معاهدي جي پابندي ڪندي ڪيل واعدا پورا ڪندو. هن چيو ته پرڏيهي فوجن جا جهاز طالبان جي علائقن ۾ اڏامي رهيا آهن ۽ اسان کي چيڙائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. طالبان ۽ آمريڪا ۾ اڄ قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ امن معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون . جنهن سبب اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته ان سان افغانستان م امن قائم ٿيندو ۽ آمريڪا پنهنجي تارخ جي ڊگهي ترين جنگ مان جان ڇڏائيندو. نائن اليون بعد 2001 ۾ آمريڪا افغان جنگ شروع ڪئي هئي جيڪا 19 سال وڙهڻ بعد به کٽي نه سگهيو ۽ نيٺ ڳالهين ذريعي معاهدي لاءِ راضي ٿيو. پاڪستان جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ افغانستان جي حڪومت جا جونئر وزير، طالبان جا سينئر ليڊر، افغانستان بابت آمريڪا جو خصوصي ايلچي زلمي خليل زاد ۽ آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو دوحه پهچي ويا آهن. جيڪي معاهدي وقت موجود هئا. طالبان جو دوحه ۾ سياسي هيڊ ڪوارٽر آهي جتي ڏيڍ سال کان ڳالهيون جاري هيون. معاهدي بعد آمريڪا ۽ افغانستان حڪومت وٽ قيد 5000 جي لڳ ڀڳ طالبان ويڙهاڪ آزاد ٿيندا ۽ طالبان وٽ قيد ملڪي ۽ غيرملڪي شهري آزاد ڪيا ويندا. طالبان افغانستان جي سرزمين القاعده سميت ڪنهن به پرڏيهي جنگجوئن کي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا. آمريڪا پنهنجي 12 کان 14 هزار فوج مرحليوار واپس ڪندو جيڪو صدر ٽرمپ جو نومبر جي چونڊن ۾ ٻئي مدت لاءِ هڪ ٽرمپ ڪارڊ هوندو. دنيا جي 37 ملڪن جا 8500 فوجي ماهر جيڪي افغان فورسز جي تربيت لاءِ موجود آهن انهن جي به مرحليوار واپسي ٿيندي. طالبان افغن حڪومت ۽ سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي سان ڳالهيون ڪري خانه جنگي ختم ڪرائي امن قائم ڪندا. دنيا جي 6 ملڪن سان سرحدون رکندڙ لينڊ لاڪ افغانستان ۾ مغربي ملڪ فوجي اڏا قائم ڪرڻ جا مجاز هوندا. افغانستان جي صدر اشرف غني شڪايت ڪئي هئي ته آمريڪا کين ڳالهين کان پري رکيو آهي. افغان حڪومت ۽ عبدالله عبدالله ۾ به اختلاف آهن ۽ اهو وڏو اهم سوال آهي ته طالبان کي هو ڪيئن اڪموڊيٽ ڪندا. معاهدي موجب طالبان ٻئي مرحلي ۾ اشرف غني جي حڪومت سان ڳالهيون ڪندا. 19 سالن ۾ آمريڪا جا 2400 فوجي ۽ هزارين طالبان جنگجو ۽ عام ماڻهو مارجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو