لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اٽي جي ورڇ دوران فوتگين ۽ ورهائڻ جي طريقي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ضروري شين جي ورهاست جي ميڊيا تي اشتهار روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ به ان درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 11 اپريل جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.عدالت چيو ته مفت ضروري شين لاءِ مستحقين کي قطار ۾ بيهارڻ انساني وقار جي ڀڃڪڙي آهي.ان حوالي سان عدالت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙي ورهاست کي عام ڪيو وڃي ته اها باهه ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿي.عدالت اهو به رمارڪس ڏنا ته سرڪاري پروجئشن لاءِ سرڪاري فنڊن سان خيرات جو اعلان بدعنواني آهي.










