صوبن ترقياتي ڪمن جا 2 کرب، 2 ارب رپيا وفاق کي واپس ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هلندڙ سال جي پهرين ٽي ماهي ۾ چئني صوبن گڏجي 2 کرب 2 ارب رپين جي رقم وفاقي حڪومت کي واپس ڪري ڇڏي ته جيئن عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان طئي ٿيل مالياتي هدف پورا ڪري سگهجن. رپورٽ مطابق ان جو مطلب آهي ته صوبا وفاق طرفان فنذر جي مد مان عوام جي فلاح و بهبود لاءِ صرف 25 فيصد کان وڌيڪ رقم استعمال نه ڪري سگهيا آهن. اهڙي طرح صوبن مالي سال 20-2019 جي پهرين ٽي ماهي جولاءِ کان سيپٽمبر ۾ وفاق کي واپس ٿيندڙ فنڊز جي حوالي سان غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاري 2 کرب، 2 ارب رپيا واپس ڪري ڏنا جيڪو سالانه هدف 4 کرب 23 ارب رپين جو 48 فيصد آهي. وزارت خزانه جي انگ اکرن مطابق پهرين ٽي ماهي ۾ صوبن جي مجموعي آمدن 7 کرب 91 ارب رپيا هئي جنهن ۾ فيڊرل روينيو جي مد ۾ ان جو گڏيل حصو 6 کرب 12 ارب 50 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته صوبائي ٽيڪس 1 کرب 4 ارب 50 ڪروڙ رپيا آهن. ان جي برعڪس صوبن صرف 5 کرب 89 ارب رپيا خرچ ڪيا جڏهن ته 2 کرب 2 ارب وفاق کي ڏنا ويا. ليڪن صوبائي حڪومتن پنهنجي ترقياتي ڪمن تي صرف 70 ارب رپيا خرچ ڪيا. اهڙي طرح صوبن جي دستياب آمدن ۾ ترقياتي ڪمن تي خرچ جي شرح 9 فيصد رهي. انگن اکرن کي ڏسون ته پاڪستان تحريڪ انصاف يا ان جون اتحادي جماعتن جي صوبائي حڪومتن ترقياتي خرچ جي مد ۾ ڪفايت شعاري کان ڪم ورتو ۽ وفاق سان وڌ کان وڌ مالي تعاون ڪيو. مثال طور پنجاب 3 کرب 66 ارب رپين جي مجموعي آمدن جو 21 فيصد يعني 75 ارب 40 ڪروڙ رپيا وفاق کي ڏنا جڏهن ته ترقياتي منصوبن تي 12 فيصد کان به گهٽ 43 ارب رپيا خرچ ڪيا. ٻئي طرف خيبرپختون خواهه حڪومت پنهنجي ڪل آمدني 1 کرب 41 ارب رپين جو 38 فيصد کان 54 ارب رپيا استعمال ئي نه ڪيا جڏهن ته ان آمدن جو 6 فيصد کان به گهٽ حصو تقريبن 8 ارب 40 ڪروڙ رپيا شهرين جي فلاح و بهبود لاءِ استعمال ڪيا ويا. اهڙي طرح بلوچستان پنهنجي آمدن جو سڀ کان گهڻو حصو يعني 37 ارب 30 ڪروڙ رپين يعني 43.4 فيصد وفاق کي واپس ڪيو. جڏهن ته ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ پسمانده صوبي پنهنجي وسائل جو انتهائي معمولي 4.3 فيصد يعني 3 ارب 70 ڪروڙ رپيا ترقياتي خرچن جي مد ۾ خرچ ڪيو. جڏهن ته سنڌ صوبي سڀ کان گهٽ يعني 35 ارب 50 ڪروڙ رپيا ڏنا جو ان جي مجموعي آمدن 18 فيصد کان به گهٽ آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت پنهنجي آمدن کان 8 فيصد يا 16 ارب رپيا ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيا. آءِ ايم ايف سرڪاري خزاني جي موثر انتظامن ۽ عوام لاءِ ڪيل خرچن جو معيار ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ صوبن جي خرچن کي محدود ڪري ڇڏيو هو ته جيئن وفاق جي وڌ کان وڌ مدد ٿي سگهي. ان حوالي سان وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف سان تحريري معاهدو ڪيو هو ته صوبن جي ذريعي مالي استحڪام ۽ محصولات ۾ توسيع ان جي مالي حڪمت عملي کي بهتر بڻائي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو