صوبائي قانون واري وزير ملڪ احمد خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

صوبائي قانون واري وزير ملڪ احمد خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير ملڪ احمد خان پنهنجي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، وڏي وزير حمزا شهباز ملڪ احمد خان جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ احمد خان ضمني چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني آهي. پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ احمد خان ڏکڻ پنجاب ۾ ن ليگ جي چونڊ مهم جي نگراني ڪندو. ان کان اڳ وفاقي وزير اياز صادق ۽ صوبائي وزير خواجا سلمان رفيق به پنهنجي وزارتن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو