صرف قبضو يا ڊگهي وقت تائين زمين رکڻ سان ملڪيت ثابت نه ٿيندي

صرف قبضو يا ڊگهي وقت تائين زمين رکڻ سان ملڪيت ثابت نه ٿيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عدالت سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته صرف قبضو يا ڊگهي وقت تائين زمين رکڻ سان ملڪيت ثابت ناهي ٿيندي.سپريم ڪورٽ 1992 جي مبينه زباني معاهدي تي زمين جي منتقلي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس شاهد بلال حسن جي جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ قرارڏ نو ته صرف قبضو يا ڊگهي وقت تائين زمين رکڻ سان ملڪيت ثابت ناهي ٿي. زباني معاهدن جي ڪيسز ۾ سخت معيار ۽ ثبوت لاڳو ٿيندو.عدالت درخواستگذار غلام علي جي درخواست منظور ڪري ورتي جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ۽ ٽرائل ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.عدالت سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته 1992 جو مبينه زباني معاهدو قانون موجب ثابت ناهي ڪيو ويو. زباني معاهدو ثابت ڪرڻ جي لاءِ تاريخ، وقت، هنڌ، شرط ۽ گواهن جا تفصيل لازمي آهن. عدالتي لکت واري موقف کان هٽي ڪري ڏنل شهادتون قبول ڪرڻ جوڳيون نه آهن.سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو ته مدعيان موجب 1992 ۾ انهن جي والد جي قتل واري ڪيس ۾ جوابدار جي بريت کان پوءِ صلح ٿي. دعويٰ ڪئي وئي ته جرڳي ۾ فيصلو ٿيو ته غلام علي 32 ڪنال زمين مدعيان کي ڏيندو. مدعيان موجب صلح کان پوءِ زمين جو قبضو به انهي کي ڏنو ويو هو، مدعيان موجب 2016 ۾ غلام علي فوتي کي رجسٽرڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو. ٽرائل ڪورٽ شروعاتي طور تي مدعين جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو هو. اپيل ۾ مخصوص ڪارڪردگي جي دعويٰ کي منظور ڪيو ويو هو. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ به هيٺين عدالت جو فيصلو برقرار رکيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو