اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي عيد الاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون آهن. صدر زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان کي پنهنجي روين ۾ قرباني، محبت، ڀائيچاري ۽ اتحاد کي فروغ ڏيڻ گهرجي.هن چيو ته هڪ قوم جي حيثيت سان، اسان کي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو ۽ پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻو پوندو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترقي جي رستي تي آهي، جنهن لاءِ قرباني ۽ اتحاد جي جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ته صرف قرباني جو جذبو ئي پاڪستان جي تقدير بدلائي سگهي ٿو.










