صدر پاران قومي اسمبلي جو اجلاس 9 مئي تي طلب

صدر پاران قومي اسمبلي جو اجلاس 9 مئي تي طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي قومي اسمبلي جو اجلاس 9 مئي تي شام 4 وڳي طلب ڪري ورتو آهي. ايوان صدر جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان م بڌايو ويو آهي ته صدر اهو اجلاس وزيراعظم جي مشوري تي طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ اهم قانون سازي متوقع آهي. هن اجلاس جي اهم ڳالهه هوندي ته پي ٽي آءِ پاران ڏنل استعيفائن بعد سندن ڪهڙا ايم اين قايز اجلاس ۾ شريڪ ٿين ٿا. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي سمورن ايم اين ايز اپريل جي پگهار وصول ڪئي آهي. قومي اسمبلي سيڪريٽريٽ چيو هو ته هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن ڪنهن کي ڊي نوٽيفاءِ ناهي ڪيو ان ڪري سڀني جي پگهار زاتي اڪائونٽ ۾ ٽراسفر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو