صدر ٽرمپ جو ننڍو ڀاءُ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ننڍو ڀاءُ رابرٽ ٽرمپ فوت ٿي ويو آهي. هو ڳچ عرصي کان بيمار هو ۽ نيو يارڪ جي اسپتال ۾ داخل هو. 71 سالن جي ڄمار م فوت ٿيندڙ رابرٽ ٽرمپ جي وفات تي ڏک ظاهر ڪندي صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو منهنجو ڀاءُ نه پر سٺو دوست به هو ۽ تمام زبردست ماڻهو هو. ٽرمپ جي پٽ ايرڪ چو ته چاچا هڪ نفيس ۽ مهربان انسان هو. صدر ٽرمپ وفات کان هڪ ڏينهن اڳ اسپتال ۾ سندس عيادت به ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو