ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري وفاق کان سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مدد گهري.ناصر شاهه مطالبو ڪيو ته صدر وفاق سان لاڳاپيل سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.صدر سمورن صوبن جي وفاق سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.توانائي واري وزير آصف زرداري کي سنڌ ۾ توانائي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.صدر زرداري چيو ته توانائي جي موجوده بحران ۾ شمسي توانائي تي انحصار وڌائڻو پوندو.ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت شمسي توانائي بابت موثر قدمن تي عمل ڪري رهي آهي.سنڌ جي توانائي واري وزير صدر کي سنڌ ۾ رٿابندي کاتي جي ڪارڪردگيءَ کان به آگاهه ڪيو.










