ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) صدرِ مملڪت آصف زرداري سان محسن نقوي جي ڪراچي ۾ اهم ملاقات ٿي، جيڪا ٻه ڪلاڪ جاري رهي. ذرائع موجب، محسن نقوي ۽ صدرِ مملڪت جي وچ ۾ اهم قومي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪراچي ۾ صدرِ مملڪت ۽ محسن نقوي جي هن تفصيلي ملاقات دوران ٻن ڪلاڪن تائين صلاح مصلحت جو سلسلو هليو.ذرائع وڌيڪ ٻڌايو ته ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. محسن نقوي جي صدرِ مملڪت سان هن ملاقات کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور فڪر ڪيو ويو. ذرائع جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ ان ملاقات ۾ اندروني صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.










