اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ملڪ جي صدر عارف علوي پارليامينت پاران منظور ڪيل 13 بل اعتراض لڳائي وزيراعظم آفيس کي واپس ڪري ڇڏيا آهن. هر بل بابت صدر پنهنجو وضاحتي نوٽ لکيو آهي جنهن ۾ قانوني خامين جي نشاندهي ڪئي آهي. ايوان صدر جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز کي بنا وارنٽ گرفتاري جو اختيار ڏيڻ بابت ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر ترميمي بل به واپس موڪلي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته هي بل عمران خان جي حڪومت به منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ڪامياب نه ٿي سگهي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عارف علوي نيشنل اسڪل يونيورسٽي ترميمي بل، امپورٽ ايڪسپورٽ ترميمي بل ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ترميمي بل به واپس موڪلي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بل، جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن بل به واپس موڪلي ڇڏيو. جيتوڻيڪ صحافين ۽ ميڊيا مالڪن جي تنظيمن جي وفد سان ملاقات ۾ صدر هي بل منظور ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. هن بل ۾ ٽي وي چينلز ۽ اخباري مالڪن کي پابند بڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن هو صحافين ۽ ملازمن کي پگهار نه ڏيندا ته سندن اشتهار روڪيا ويندا. ميڊيا مالڪ هن تي خوش نه هئا. ذريعن موجب عارف علوي اخبارن، نيوز ايجنسين ۽ ڪتابن جي رجسٽريشن بل به واپس موڪلي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته واپس ڪيل بلن ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ترميمي بل، وفاقي اردو يونيورسٽي ترميمي بل، اين ايف سي انسٽيٽيوٽ ملتان ترميمي بل، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ ترميمي بل، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي بل ۽ هورائزن يونيورسٽي بل شامل آهن. ياد رهي ته شهباز شريف جي حڪومت آخري ڏينهن ۾ 100 کان مٿي بل بنا بحث جي پاس ڪيا هئا. جنهن تي مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ سميت حڪومت ۾ شامل سڀني جماعتن جي نمائندن مخالفت ڪئي هئي. رضا رباني بل جي ڪاپي نه ملڻ تي احتجاج ڪندي ڪجهه بلن جون ڪاپيون ڦاڙيون هيون. ڪجهه بل اهڙا به هئا جن جي منظوري وقت ٻنهي ايوانن ۾ ڪورم به پورو نه هو.










