نئين ڪيس ۾ گرفتاري، فرحان جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور

نئين ڪيس ۾ گرفتاري، فرحان جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ملير صحافي فرحان ملڪ کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ پنج ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏئي ڇڏيو.صحافي فرحان ملڪ کي اڄ ايف آءِ اي هڪ ٻئي ڪيس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران ايف آءِ اي آفيسر ۽ فرحان ملڪ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.ايف آءِ اي پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته 25 مارچ تي گلشن اقبال ۾ هڪ ڪال سينٽر تي ڇاپو هنيو ويو ۽ ٻن جوابدارن اطهر حسين ۽ حسن نجيب کي گرفتار ڪيو ويو.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار جوابدار پرڏيهين خلاف فراڊ ۾ ملوث آهن. سافٽ ويئر ذريعي پرڏيهين کان سندن خفيه ڊيٽا حاصل ڪئي پئي وڃي. جوابدار فراڊ ۽ چيٽنگ ۾ ملوث آهن.ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر موجب گرفتار جوابدارن چيو ته هي ڪم فرحان گوهر ملڪ جي چوڻ تي ڪيو پيو وڃي.بعد ۾ عدالت فرحان ملڪ کي ٻئي ڪيس ۾ پنج ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي فرحان ملڪ جي وڪيل معيز جعفري چيو ته جڏهن فرحان ملڪ کي گذريل ڏينهن ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي ته ان ۾ دير ٿي وئي. ان دوران، صبح 9 وڳي هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ ٻن ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو.وڪيل معيز جعفري چيو ته هي مڪمل طور تي بي بنياد ڪيس آهي. ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ فرحان ملڪ کي هڪ ئي ڏينهن ۾ گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ريمانڊ نه مليو ته فرحان ملڪ خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.هن چيو ته فرحان ملڪ کي ايف آءِ اي عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي حراست ۾ ورتو آهي. قانون موجب جيل موڪلڻ کان پوءِ، جيل اختيارين کي اطلاع ڏيڻ کان پوءِ کيس ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو آهي.وڪيل معيز جعفري چيو ته فرحان ملڪ جو خاندان مختلف جيلن ۾ ويندو رهيو، فرحان کي ڪنهن به جيل ۾ نه رکيو ويو، هي ايف آءِ اي جي من ماني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو