صحافي امتياز مير جي قتل جا 4 شڪي جوابدار گرفتار

صحافي امتياز مير جي قتل جا 4 شڪي جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽ علي مرتضيٰ مهر) سنڌ پوليس صحافي ۽اينڪر پرسن امتياز مير جي قتل ۾ ملوث پابندي مڙهيل تنظيم جي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن وٽان حملي ۾ استعمال ٿيل هڪ موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي. گهرو کاتي جي صوبائي وزير ضياالحسن لنجار گرفتاري جي تصدي ڪندي ٻڌايوته سنڌ پوليس وفاقي تحقيقاتي اداري جي مدد سان گرفتاريون ڪيون آهن. امتياز پنهنجي ڀاءُ جي گاڏي م گذريل مهيني گهر وڃي رهيو هو ته مٿس ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 هٿياربندن حملو ڪيو هو. حملي جو ڪيس سندس ڀاءُ رياض علي سعود آباد ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو. پوليس موجب صحافي تي حملو سندس ئي قبيلي جي عمردراز ۽ سندس ٻن پٽن احمد بخش ۽ آفتاب جي چوڻ تي ڪيو ويو. حملو ڪرائيندڙن سان مقتول جي زمين جي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو ۽2 سال اڳ امتياز سندن خلاف شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙن کي هدايتون پرڏيهه مان ملي رهيون هيون. ياد رهي ته دولت مشترڪه جي انساني حقن واري انيشيٽو موجب پاڪستان ۾ 2006 کان 2023 تائين پاڪستان ۾ 87 صحافي قتل ٿيا پر پوليس معمو رڳون ٻن ڪيسن جو حل ڪيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ شريڪ باقي ٻن ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو