صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ) صحافي اجي لالواڻي قتل وارو معامرو، دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج آنند رام ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ درخواست جمع ڪرائيندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل نه ٿي سگھي، ان لاءِ وقت ڏنو وڃي جنهن تي عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تائين جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪرڻ جي ھدايت به ڪئي، ٻڌڻي دوران گرفتار جوابدارن کي جيل مان عدالت آندو ويو هو، جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي صالح پٽ جو اڳوڻو چيئرمين، وائيس چيئرمين عنايت شاھ ۽ احسان شاھ، اڳوڻو ايس ايڇ او عاشق ميراڻي به عدالت ۾ پيش ٿيا، مقتول صحافي اجي لالواڻيءَ جي وارثن پاران جوابدار ڌر طرفان ڌمڪيون ملڻ جون دانھون ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو