اوٻاوڙو )ن س)ماڙي انرجي جي زيادتين خلاف پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ انهن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين تي تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ايس ايس پي گهوٽڪي جي دفتر ٻاهران گهوٽڪي يونين آف جرنلسٽس جي لڳاتار ڌرڻي کي 21 ڪلاڪ ٿي ويا. رات ايس ايس پي آفيس جي سامهون روڊ تي سمهي گذاريو سين. ماڙي انرجي ۽ گهوٽڪي پوليس ظلم ۽ بربريت جي اها انتها ڪئي آهي جو پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن تي بي رحمي سان لٺيون وسايون، ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کي چونڊي چونڊي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ هڪ نوجوان صحافي نويد چغتائي (رپورٽر، سوڀ ڏهرڪي) جي ڪرنگهي جي هڏي (Spinal cord) جي ڊسڪ ڀڄي پئي آهي جنهن جو جيڪڏهن فوري آغا خان جهڙي ڪنهن وڏي اسپتال مان علاج نه ٿيو ته خدانخواسته هو مستقل طور معذور ٿي سگهي ٿو، جڏھن ته صحافي اياز کهاوڙ رپورٽر Gtv ميرپور ماٿيلو) کي مٿي ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال داخل آهي.










