صحافين جي مالي مدد لاءِ سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ڪميٽي جو اجلاس

صحافين جي مالي مدد لاءِ سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ جي صدارت هيٺ جمعرات تي صحافين جي مالي مدد جي حوالي سان ڪميٽي جو اجلاس اطلاعات کاتي جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي جي ٻين ڊويزنن جي صحافين جي مالي مدد جا اجلاس اطلاعات کاتي جي ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ ۾ منعقد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪراچي ڊويزن جي صحافين جي مالي مدد لاءِ هي اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ صحافين پاران سنڌ حڪومت کي مالي مدد لاءِ درخواستن مان هر هڪ درخواست تي ڪميٽي غور سان جانچ جي بعد 108 درخواستن تي مالي مدد جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر اطلاعات ايڊمنسٽريشن محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي، اطلاعات کاتي جي ٻين آفيسرن کان علاوه مشهور صحافين مظهر عباس، طاهر حسن خان، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، عبدالرشيد ميمڻ پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو