ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي عدالت انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، صارم برني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 10 جون تي هلائڻ جو فيصلو، ايف آءِ اي پاران ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي صارم برني کي جڊيشل ماجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته افشين نالي عورت پنهنجي ڌيءَ کي مديحه نالي عورت کي وڪرو ڪيو هو، مديحه ٻارڙي بشريٰ نالي هڪ ٻي عورت کي وڪرو ڪئي، فيملي ڪورٽ ۾ صارم برني ٽرسٽ ٻارڙيءَ کي لاوارث قرار ڏنو، جاچ آفيسر چيو ته صارم برني جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري، 20 کان وڌيڪ متاثرين جي نشاندهي ڪرڻي آهي پر جوابدار تعاون نه پيو ڪري، عدالت ايف آءِ اي جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ٻارڙي حيا کي هنج وٺندڙ ڪيترا پئسا ادا ڪيا؟ وڪيل چيو ته جنهن ٻارڙيءَ کي هنج ورتو ان 3 هزار ڊالرز ڏنا،










