صادق آباد (ن س) صادق آباد جي ايف ايف سي چوڪ ڀرسان تيز رفتار ڪرين ڊرائيور کان بي قابو ٿي موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.حادثي کانپوءِ ڪرين جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا. پوليس موجب، فوت ٿيلن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ فرار ٿيل ڪرين ڊرائيور جي ڳولا لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي سببن بابت وڌيڪ جاچ کانپوءِ حقيقتون سامهون آنديون وينديون.










