ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شيامي 12 ۽ 12 Pro پاڪستان ۾ متعارف ڪرايا ويا آهن جيڪي في الحال پري آرڊر ۾ موجود هوندا. شيامي جا نوان فليگ شپ 12 سيريز جا فون چين ۾ ڊسمبر 2021 جي آخر ۾ متعارف ڪرايا ويا هئا. هاڻي، اٽڪل 3 مهينن بعد، Xiaomi 12 ۽ 12 پرو پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا پيا وڃن. شيامي 12 ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ڪمپني جو سڀ کان ننڍو اسڪرين فليگ شپ فون آهي ۽ هن ۾ خاص ڌيان فيچرز تي آهي. فون هڪ 6.28 انچ AMOLED ڊسپلي سان FHD پلس ريزوليوشن ۽ 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ سان ليس آهي. فنگر پرنٽ اسڪينر اسڪرين جي اندر لڳل آهي، جڏهن ته گوريلا گلاس وڪٽر ڊسپلي کي بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. فون جي اندر ڪوالڪوم جو نئون Snapdragon 8 Generation 1 پروسيسر آهي، جڏهن ته ڪولنگ پيڊ پڻ ڊوائيس جو حصو آهي. شيامي 12 ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري آهي، 67 واٽ وائرڊ، 50 واٽ وائرليس ۽ 10 واٽ ريورس وائرليس چارجنگ سپورٽ هن م موجود آهي. Xiaomi 12 سيريز فونز ۾ ڪمپني جو نئون MIUI 13 يوزر انٽرفيس هوندو. فون جي پوئين پاسي 50 ميگا پڪسلز جي مکيه ڪيمرا سان گڏ 3 ڪيمرائن جو هڪ سيٽ اپ آهي جنهن جو حجم 1 / 1.56 انچ ۽ آپٽيڪل اميج اسٽيبلائيزيشن سپورٽ آهي. 13 ميگا پڪسل الٽرا وائڊ ۽ 5 ميگا پڪسل ٽيلي ميڪرو ڪيمرا هن سيٽ اپ جو حصو آهن. هي فون پاڪستان ۾ 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج سان دستياب هوندو ۽ ان جي قيمت 180,000 روپيا آهي.










