لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز خلاف رمضان شوگر ملز ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي بدران سندس نمائندو انور حسين عدالت ۾ پيش ٿيو.لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ حمزه شهباز شريف جي وڪيلن پنهنجي موقف ۾ چيو ته حمزه شهباز پنهنجي ڌيءَ جو چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر ويو هو، عدالت حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي.










