شوڪت يوسفزئي پاران اڳواڻن جي ناراض هجڻ جي تصديق

شوڪت يوسفزئي پاران اڳواڻن جي ناراض هجڻ جي تصديق

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) شوڪت يوسفزئي پي ٽي آئي اڳواڻن جي ناراض هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ناراضگي جو مطلب ڪو الڳ گروپ ٺاهڻ ناهي، ۽ نه ئي حڪومت کي ڪو خطرو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وڏو وزير (علي امين گنڊاپور) ڪجهه ناراض ماڻهن کي پرچائي رهيو آهي، اڳواڻن جا ننڍا ننڍا مسئلا آهن. علي امين گنڊاپور پاڻ پي ٽي آئي جي باني جي چوڻ تي استعيفيٰ ڏني هئي، جيڪڏهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪا غلط فهمي آهي ته اها ختم ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو