راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت شوڪت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جا اڪائونٽ ڊي سيز ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.پراسيڪيوشن طرفان شوڪت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جا اڪائونٽ فريز ڪرڻ بابت مخالف ۽ اعتراض نه ڪيو ويو. پراسيڪيوٽر ظهير شاهه عدالت ۾ چيو ته جيڪڏهن اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جا اڪائونٽ ڊي سيز ڪيا وڃن ته اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي.هن ٻڌايو ته اسان عليمه خان جي آءِ ڊي ڪارڊ موجب گورنر اسٽيٽ بينڪ کي اڪائونٽ فريز ڪرڻ بابت عدالت کي استدعا ڪئي هئي. پراسيڪيوٽر ظهير شاهه موجب عليمه خان جي بزنس اڪائونٽ ۽ پرسنل اڪائونٽ کان علاوه ڪي به ٻيا اڪائونٽ جيڪڏهن فريز ڪيا ويا آهن ته انهي تي اسان کي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه آهي.دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عليمه خان طرفان سندس وڪيل محمد فيصل ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيو.










