ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جا مشهور اداڪار به وزيراعظم عمران خان سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويا، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڄوڪي جلسي جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن. اهڙي صورتحال ۾ شوبز سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اداڪارن به عمران خان جي حمايت جو اعلان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي، جن ۾ همايون سعيد، بلال قريشي، عمران عباس، احمد علي بٽ ۽ شان شاهد شامل آهن.
شان شاھد
فلم اسٽار شان شاهد لکيو ته پاڪستان چئي رهيو آهي ته ان کي رڳو هڪ ليڊر گهرجي، جيڪو کين پاڪستان جي روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃي، اسان عمران خان سان گڏ آهيون. اپوزيشن کي مخاطب ڪندي شان وڌيڪ لکيو ته توهان پنهنجي پارليامينٽ ته رکي سگهو ٿا پر اسان جي ليڊر کي ڪڏهن به نٿا کسي سگهو.
همايون سعيد
مشهور اداڪار همايون سعيد لکي ٿو ته مان عمران خان جو مداح آهيان جڏهن کان هو ڪرڪيٽر هو ۽ اڄ به سندس قيادت جي صلاحيتن کان متاثر آهيان. اداڪار چيو ته منهنجي خواهش آهي ۽ دعا آهي ته عمران خان پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪري.
بلال قريشي
بلال قريشي انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪندي وزيراعظم جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته عمران خان، سڀ کان پهريان توهان کي گهٻرائڻوناهي، مان 27 مارچ تي وزيراعظم سان گڏ اسلام آباد جلسي ۾ اچي رهيو آهيان.
عمران عباس
اداڪار عمران عباس پڻ انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري پوسٽ ڪئي ۽ لکيو ته عمران خان ئي پاڪستاني عوام جي بهتر مستقبل جي اميد آهي، هن مداحن کان سوال ڪيو ته ڇا توهان اسلام آباد جي جلسي ۾ اچي رهيا آهيو.










