شهيد ڊي ايس پي رائو شفيع الله جي خون سان انصاف ٿيندو؟ زبير ابڙو

پوري سنڌ مسئلن جي گهيري ۾ آهي هر طرف نظر ڪجي ته معاشرو تيزي سان يورپي ڪلچر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي انسانيت مان انسانيت ختم ٿيندي نظر پئي اچي ڪٿي پي جي روپ ۾ بگهڙ نظر پئي آيو جيڪو پنهنجي نفسياتي خواهش کي پورو ڪرڻ لاء پاڪ رشتي جو به لحاظ ختم ڪيو وڃي مطلب ته جي جهوريندڙ واقعا جڏهن اکين جي اڳيان گذرن باقي جيئڻ جي طلب ختم ٿي وڃي ضلع شڪارپور جي اندر چوري ڦر اغوا براء تاوان غيرت جي نالي بيگناهن جو رت وهڻ جو سلسلو ورهين کان نه رڪڻ جو سلسلو جاري آهي ته خانپور تعلقي ۾ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ به ڄڻ روز جو معمول بڻيل آهي ماڻهو محبت ۽ حوس جي نشي ۾ انڌا ٿي پيرين پنڌ پرين جي پار ڏانهن سفر ڪري خانپور جي ڪچي واري علائقي وڃي پڄن ٿا ۽ مالڪن کان ڳري رقم جو مطالبي کان بعد بازياب ٿين ٿا يا وري پوليس کي خفيه اطلاع ملڻ سان سندن جي بازيابي عمل ۾ اچي ٿي خير خانپور تعلقو ڪجھ سال پهريان بدامني جي باھ ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو هو جو ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو هو ماڻهو گهرن ۾ به محفوظ نه هئا بعد ۾ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو ۽ خانپور جوامن بحالي جي طرف آيو ڪجھ وقت کان بعد آھسته آهسته ساڳي صورتحال وري خانپور مان اغوا ڦر جي ورداتن ۾ تيزي آئي ان وقت هڪ دلير بهادر فرض شناس آفيسر بطور ڊي ايس پي راو شفيع الله جي تعيناتي عمل ۾ آئي جنهن چارج سنڀاليندي ئي ڪرمنل ايڪٽيوٽيز ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لڳو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ وارن کي ڪيترائي دفعا بچائي به ورتو ۽ جيڪي هرکجي اغوا ٿي ويا تن کي بازياب به ڪرائي ورتو ۽ جڏهن اهڙي قسم جا واقعا ٿجين ۽ انهن کي ڏوهارين سان مقابلي بعد بازياب ڪرائي اسان صحافين کي گهرائي چوندو هي دادو ماتلي کان عورتاڻي آواز تي هرکجي ويا هئا هي پنو عاقل جا آهن هي خيرپور جا آهن جيڪي ڇوڪرين جي آواز تي عاشق ٿي پنهنجي جان خطري ۾ وجهن ٿا تنهن کي توهان سهمجايو ته هي عورتون نه بلڪي ڏوهاري آهن جيڪي توهان کي عورتاڻي آواز ۾ بيوقوف بڻائي گهرائي اغوا ڪن پيا ۽ پئسن جي گهر ڪن پيا انهن جي اهڙي فراڊ کان بچڻ لاء ميڊيا تي ميسيج عام ڪريو ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان ميراڻي برادري جا 3 نوجوان رات جي پونئي حصي مان نامعلوم هٿياربندن جي هٿان هٿيارن جي زور تي اغوا ٿي ويا جن جي بازيابي لاء مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ راو شفي الله هو جنهن دليري سان ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ وڃي ميراڻي برادري جي نوجوانن جي بازيابي جي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ڪجھ ڏينهن بعد هو به صحيح سلامت بازياب ٿي پنهنجي پرين سان مليا تازو خانپور شهر جا 3 نوجوان آرائين برادري سان تعلق رکندڙ غريب گهراڻي جا پنهنجي زمين تي رات جي پهر ۾ ساريالي فصل کي پاڻي ڏيڻ لاء نڪتا جيڪي اغوا ٿي ويا هفتي جي ڏينهن رات جي ڪوشش سان سندن جي بازيابي عمل ۾ آئي خانپور ڊي ايس پي آفيس ۾ راو شفيع الله آرائين برادري جي نوجوانن جي بازيابي جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آرائين برادري جي نوجوانن جي اغوا ۾ سندن جو سوٽ ئي ملوث آهي جيڪو پاڻ کي به اغوا ڪرايو جيڪو جواري ۽ قرضي هو پنهنجي قرض جي ادائيگي جي لاء پنهنجي سوئٽن کي اغوا ڪرايو هو آرائين نوجوانن جي بازيابي کان هڪ ڏينهن اڳ سومر جي رات سنڌ جو راڳي جگر جلال پٽ ڀائٽي سميت 4 سميت خانپور جي ڪچي ۾ شادي جي تقريب ۾ گهرائڻ بهاني سندن  ڏھ هزار ايزي پئسا ڪري گهرائي اغوا ڪري ويا.

شهيد ٿيل ڊي ايس پي رائو شفيع الله

جڏهن اهڙو اطلاع پوليس کي مليو ڊي ايس پي راو شفيع فوري طور رات جو 2 وڳي  پوليس ساڻ ڪري ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي پهچي شڪ جي بنياد تي ماڻهو ۽ ڪجھ عورتون گرفتار ڪري آيو ۽ صبح سوير ڳالهيون گردش ڪرڻ لڳيون ته خانپور جا مغوي بازياب ٿيا آهن جيڪي عنقريب پريس ڪانفرنس ڪري ظاهر ڪيا ويندا پوء ايس ايڇ او خانپور مظهر ڪنگو جو فون آيو جنهن تصديق ڪندي وراڻيو ته آرائين برادري جا نوجوان بازياب ٿي ويا آهن هڪ بجي ڊي ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي مون سميت سڀ صحافي پهچڻ شروع ٿي ويا جڏهن آء پنهنجي هم قلم ساٿين سان پهتس ته ڊي ايس پي راو شفيع الله خير خيريت کان بعد پڇا ڪئي ته ڏيو احوال مون هڪ دم سوال ڪيو ته سائين خير سان 3  ڄڻا بازياب ٿي اچن پيا ته 4 راڳي جگر جلال ساٿين سميت ڳڙهي تيغو جي رستي تان اغوا ٿي ويو آهي تنهن تي ڊي ايس پي وراڻيو ته اغوا اهو هوندو آهي جيڪو روڊ تان هٿيارن جي زور تي اغوا ٿي وڃي يا ڪنهن رستي تان هي خود فون تي پروگرام ڏنو شيڊول جي مطابق پروگرام ڪرڻ ويو رستي مان اغوا ٿي ويو آهي اهڙي اطلاع تي آء فورن رات جي پونئي حصي ۾ بنا خوف جي ويس ڪاروائي ڪري عورتن سميت ڪجھ ماڻهو شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيا آهن خير ايتري ۾ ڊي ايس پي آفيس جي ٻاهران پوليس جي حق ۾ نعريبازي ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ پوليس مغوين کي آفيس آندو جتي ڊي ايس پي راو شفيع الله آرائين نوجوانن جي بازيابي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪري ٻڌايو ته آرائين برادري جي نوجوانن جي اغوا ۾ سندن سوٽ عبدالغفار آرائين ملوث آهي جيڪو پاڻ به سوئٽن سميت اغوا جو ڊرامو رچايو آهي جنهن کي اسين قانون موجب ڪيس درج ڪنداسين صحافين جي سوال تي وراڻيو ته جگر جلال جي بازيابي به ٿي ويندي پريس ڪانفرنس کان بعد اسين ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ نفري ساڻ ڪري ڏوهارين خلاف آپريشن ڪنداسين جڏهن پوليس جي نفري ساڻ ڪري اي پي سي چين موبائل ۽ پوليس اهلڪار سان گڏجي ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ڏڪ بند تي جگر جلال سندن ساٿين سميت بازيابي جي لاء ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو جنهن ۾ ڏوهارين ۽ پوليس جي وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري ٿيو ڪجھ دير تائين هڪ ٻي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جڏهن داڙيلن جا هٿيار خاموش ٿي ويا ته ڪجھ دير بعد ڊي ايس پي خانپور راو شفيع الله اي پي سي چين مان ٻاهر نڪرڻ جي ارادي سان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته تاڙ ۾ ويٺل ڏوهارين سندن نشانو بنايو ۽ هٿيارن جو رخ ڊي ايس پي ڏانهن ڪيو گوليون لڳڻ سبب ڊي ايس پي اي پي سي چين ۾ اندر ڪريو سندن اهلڪار به ٻاهر نڪتو سو به گولين جو نشانو بنيو شديد زخمي هجڻ ڪري پوليس جي جوانن ڊي ايس پي سخت زخمي هجڻ ڪري سکر نيو ويو ۽ اهلڪار بابر شاه کي خانپور اسپتال آندو بابر شاه کي به ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر نيو جنهن جي فوري آپريشن ڪري سندن بچائي ورتو پر دلير بهادر ڊي ايس پي زخمن جي سٽ نه سهندي سکر کان اڳ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن شهادت جو ٻڌو زمين پيرن مان نڪري وئي اکين مان بي اختيار ڳوڙهن جو وهڻ شروع ٿي ويو پاڻ سنڀالي صحافتي ذميداري وڏي همٿ ساڻ جاري رکيون ائين هڪ دلير بهادر ڊي ايس پي راو شفيع الله فرض شناسي جي ادائيگي ڪندي ڪندي پنهنجي جان به قربان ڪري شهادت جي عظيم رتبي تي فائض ٿيو سندن جو لاش پوسٽ مارٽم شڪارپور جي اسپتال مان ڪرائڻ بعد سخت سيڪيورٽي سان سندن اباڻي شهر سکر سندن وارثن حوالي ڪيو ويو جئين ئي لاش گهر پهتو سندن ٻچڙن جي اڀ ڏاريندڙ رڙين جسم کي جهوري وڌو جڏهن ننڊي فرزند جو دانهون منهنجي ڪنن تي پهتيون مونکي بابا واپس ڪري ڏيو خير نماز جنازه سکر ۾ ادا ڪئي وئي پوليس جي اعلي عملدارن سميت سياسي سماجي مذهبي ۽ شهرين توڙي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيد جي درجات جي بلندي جي دعا پڻ ڪئي ۽ ڊي ايس پي جي شهادت کان بعد ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين جي خلاف آپريشن کي بند ڪري جگر جلال ۽ ساٿين جي بازيابي جي حوالي سان مقامي ڀوتارن جي معرفت ڏوهارين سان راڄوڻي ڪوشش شروع ڪئي وئي ۽ خميس جو رات جو ڏهين وڳي ڳڙهي تيغو ۾ ايس ايس پي ڪشمور اي ايس پي امجد فاروق ۽ ٻين جي موجودگي ۾ مغوي سندن حوالي ڪيا ويا ۽ ٿيڻ  ائين گهرجي هان ته مغوين سميت پريس ڪانفرنس خانپور يا شڪارپور ڪئي وڃي ها پر سکر جو انتخاب به چالاڪي نظر آئي اڃان شهيد ڊي ايس پي جي ٻڃن ۾ لڙڪ پي جي جدائي ۾ لاڙ ڪري وهن پيا ته شهيد جي عيوض سندن جلال جي بازيابي عمل ۾ آئي ڊي ايس پي جي شهادت کان بعد سندن پوئينرن سان تعزيت جو سلسلو شروع آهي آء جي سنڌ ڪليم امام  سکر  پهچي پوئينرن سان تعزيت کان بعد هڪ ڪروڙ ۽ 2 نوڪرين جو اعلان پڻ ڪيو ڇا اهو اعلان ماضي جي اعلانن وانڱر آهي يا هن تي عمل ڪيو ويندو جنهن جو انتظار رهندو پر اڃان شهيد جي قبر جي مٽي به سڪي آپريشن بند ڪيو ويو راڳي جگر جلال ساٿين سميت مقامي ڀوتارن جي معرفت ڏوهارين کان ته باحفاظت گهر ويا ڇا ڊي ايس پي جا قاتل گرفتار ڪري سندن جي رت سان انصاف ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو