شهيد ڀٽو وانگر شهيد محترمه به عوام جي طاقت تي يقين رکندي هئي

شهيد ڀٽو وانگر شهيد محترمه به عوام جي طاقت تي يقين رکندي هئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد ڀٽو وانگر شهيد محترمه به عوام جي طاقت تي يقين رکندي هئي.بلاول ڀٽو زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي 17هين يومِ شهادت تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو.هن چيو ته ملڪ لاءِ بي بي شهيد جي بي مثال قربانين، بي مثال قيادت ۽ لازوال ورثي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي بي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو سندس خواب کي حقيقت بڻائڻ آهي. سندن خواب جمهوري، ترقي پسند ۽ شموليت وارو پاڪستان آهي، سندن خواب هڪ اهڙو پاڪستان آهي جتي هر فرد جي عزت ۽ وقار کي يقيني بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو