ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي سيشن ڪورٽ منتقلي وارو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي شهيد ناظم جوکيو ڪيس جي گواهه ايڊووڪيٽ مظهر جوڻيجو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي مظهر جوڻيجو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت حقيقتن کي نظر انداز ڪندي ڪيس ٽرائل ڪورٽ منتقل ڪيو، جڏهن ته ڪيس جو فريادي به جوابدارن سان ملي ويو آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ناظم جوکيو کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، واقعي سان خوف ۽ حراس پکيڙيو ويو، جوابدار اسيمبلي ميمبر ۽ بااثر آهن درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ناطم جوکيو جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ڄام اويس گهرام کي جوابدار نامزد ڪيو وڃي










