شهيد راڻي جي زندگي همت، قرباني ۽ ثابت قدمي جو روشن مثال آهي

شهيد راڻي جي زندگي همت، قرباني ۽ ثابت قدمي جو روشن مثال آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدرِ آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي همت، قرباني ۽ ثابت قدمي جو روشن مثال آهي.شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته بينظير ڀٽو جون جمهوريت لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ جو روشن باب آهن. هن سياسي ڏاهپ ۽ بهادري سان نيون واٽون هموار ڪيون. پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم طور هن عورتن جي اڳواڻي لاءِ نوان در کوليا.هن چيو ته بينظير ڀٽو جمهوري استحڪام ۽ آئين جي بالادستي جي مضبوط حامي رهي. شهيد اڳواڻ هر ڏکئي وقت ۾ جمهوري اصولن تي ثابت قدم رهي. بينظير ڀٽو عوامي خدمت کي سياست جو بنيادي مقصد بڻايو، جڏهن ته سندس جدوجهد محروم ۽ پٺتي پيل طبقن جي ترقي لاءِ مشعلِ راهه آهي.صدرِ وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو تشدد واري سياست کي رد ڪندي ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت کي هٿي ڏني. هوءَ قيد ۽ جلاوطني باوجود پنهنجي موقف تي قائم رهي. سندس فڪر ۽ سوچ اڄ به پاڪستان جي مستقبل لاءِ رهنمائي فراهم ڪري رهيا آهن.آصف علي زرداري چيو ته بينظير ڀٽو جي زندگي همت، قرباني ۽ ثابت قدمي جو مثال آهي. قوم کيس جمهوريت، عوامي خدمت ۽ اميد جي علامت طور ياد ڪري ٿي. بينظير ڀٽو عورتن جي سياسي شموليت کي نئون رخ ڏنو، جڏهن ته سندس ياد پاڪستان جي قومي تاريخ ۽ گڏيل قومي شعور جو اهم حصو بڻجي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو