دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) ايس ايس پي عرفان علي سمون، ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ دادو جي شهيد پوليس جوانن جي خاندانن ۾ عيدالفطر جو سامان کڻي سندن در در پهچائي، شهيد پوليس جي يتيم ٻارڙن ۽ شهيدن جي بيواهن کي مٿي تي هٿ رکي 79 شهيدن جي گهر ۾ 10/10 هزار روپين جا چيڪ ۽ عيد جي مٺائي تقسيم ڪئي، ان موقعي تي ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون پريس بيان جاري ڪندي چيو ته عيد جي خوشين ۾ پنهنجن شهيدن کي ياد ڪرڻ پوليس کاتي جي روايت رهي آهي، هن چيو ته شهيد جوانن عوام جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪندي شهادتون ڏنيون آهن ان ڪري انهن تي پوليس کاتي کي فخر آهي.










