شهناز گل کي به پسوري جو رنگ چڙهي ويو

شهناز گل کي به پسوري جو رنگ چڙهي ويو

ممبئي(شوبزنيوز)ڀارتي پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪترينا ڪيف، اداڪارا شهناز گل به پاڪستاني گاني ”پسوري“ جي سحر ۾ گرفتار ٿي وئي آهي.پاڪستاني گاني ”پسوري“ جتي سڄي دنيا ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو آهي، اتي هن گاني کي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به ناليوارن فنڪارن طرفان خاص توجه حاصل آهي، ان گاني کي ڀارت ۾ به ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.ڀارتي فلمن ۽ ٽي وي جي ڪيترين ئي اداڪارائن کانپوءِ هاڻي خبرن ۾ آيل شهناز گل به هڪ وڊيو ٺاهي ان کي ”پسوري“ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيو آهي.هن وڊيو ۾ شهناز گل ڳاڙهي رنگ جي لباس ۾ تمام خوبصورت نظر اچي رهي آهي ۽ هن هن گاني تي بهترين پرفارم ڪيو آهي.ٻئي طرف اداڪاره شهناز گل جلد ئي سلمان خان عرف سلو ڀائي سان گڏ فلم ”ڪڀي عيد ڪڏهن ديوالي“ ۾ نظر ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو