اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)پاڪستان حڪومت برطانيا کان شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير داخلا محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪميشنر جين ميرٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ–برطانيا لاڳاپن، سيڪيورٽي تعاون ۽ باهمي دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کان علاوه، برطانيا ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات دوران، وزير داخلا شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي پاڪستان حوالي ڪرڻ بابت سرڪاري دستاويز برطانوي هاءِ ڪميشنر جي حوالي ڪيا. محسن نقوي چيو ته ٻئي ماڻهو پاڪستان ۾ گهربل آهن، انهن کي فوري طور پاڪستان جي حوالي ڪيو وڃي. وزير داخلا، پروپيگنڊا ڪندڙ پاڪستاني شهرين خلاف سخت ۽ پڪا ثبوت پڻ مهيا ڪيا. محسن نقوي چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي تي پورو يقين رکون ٿا، پر فيڪ نيوز هر ملڪ لاءِ وڏي تڪليف جو سبب آهي.
مشهور خبرون










