ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ ٻار فوت ٿي ويو.حادثو جهانگير روڊ نمبر 1 جي ويجهو پيش آيو. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ امدادي ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون. فوت ٿيل ٻار جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ٻار جي سڃاڻپ 6 سالن جي حسنين پٽ ساجد جي نالي سان ٿي آهي، ضروري ڪارروائي کانپوءِ ٻار جي لاش وارثن جي حوالي ڪئي وئي.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ۽ فرار ٿيندڙ ڪار جي ڊرائيور جي ڳولا پڻ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کي جلد حراست ۾ ورتو ويندو.










