ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهرِ قائد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي ويا.اهو واقعو اورنگي ٽائون 10 نمبر جي ويجهو پيش آيو، جنهن جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري اور امدادي ٽيمون پڻ موقعي تي پهچي ويون. پوليس امدادي ٽيمن جي مدد سان فوت ٿي ويل شخص جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.پوليس اختيارين ٻڌايو ته فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ 45 سالن جي فيصل عباسي جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ فهد جمالي ۽ فهد عباسي جي نالن سان ٿي آهي.پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني وئي آهي، اصل حقيقتون تفتيش کانپوءِ سامهون اينديون. جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ کين جلد حراست ۾ ورتو ويندو.










