شهباز شريف قطر پهچي ويو، امير سان ملاقات

شهباز شريف قطر پهچي ويو، امير سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو ختم ڪري قطر پهچي ويو جتي هن قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني سان ملاقات ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير وچ ۾ ملاقات دوران خطي جي صورتحال، خاص طور تي عرب ملڪن ۾ ڇڪتاڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ وزيراعظم قطر جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان قطر ۽ ٻين ملڪن تي حملن جي مذمت ڪري ٿو. شهباز شريف ۽ قطري امير ٻطرفن لاڳاپن، سيڪيورٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضٻوط بنائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف امن، استحڪام جي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهين جي اهميت تي به زور ڏنو.
انهي کان اڳ قطر جي راڄڌاني دوحه پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سلطان بن سعدالمريخي وزيراعظم ۽ وفد جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي، عالمي ميڊيا جو ترجمان مشرف زيدي به وزيراعظم سان گڏ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي قطري هٿياربند جي چاق چوبند دستي سلامي به ڏني جڏهن ته وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي پهچڻ تي دوحه ايئرپورٽ ۽ شهر کي پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو.
ٻئي طرف وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب قطر جي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي قطري فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن وزيراعظم جي جهازن کي حفاظتي حصار ۾ وٺي ڇڏيو. قطري فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن وزيراعظم جي جهاز کي حفاظتي حصار ۾ ايئرپورٽ تائين ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم قطري قيادت ۽ پائلٽس طرفان شاندار استقبال تي ٿورو ادا ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو